شوارين جو محلو

شوارين جو محلو: ٺٽي جي قديم آڳاٽي جاگرافي بيان ڪندي پير حسام الدين شاهه راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ٺٽي جو هڪ محلو ‘شوارين جي محلي’ جي نالي سان مشهور هو. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، سيد نور شاهه، جيڪو پيران پير جي اولاد مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، ان جون جايون شوارين جي محلي ۾ آهن.مير علي شير قانع ٺٽوي جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو محلو ‘تحفة الڪرام’ جي تاليف واري سن 1181هه/1767ع تائين ۽ ان کانپوءِ به موجود هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيد نور شاهه جي اولاد مان پني لڌو شاهه هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ به رهندو هو ۽ انهن جاين جو پڻ وارث هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو